سچل سرمست هڪ مطالعو

سچل سرمست هڪ مطالعو

سچل سرمست هڪ مطالعو

سچل سرمست: هڪ مطالعو (ڪتاب): هن ڪتاب ۾ نامور محقق ۽ اديب ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي جا، سچل سرمست جي شخصيت، شاعري، شاعريءَ جي هيئت ۽ سنگيت بابت مقالا شامل آهن. ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو 1982ع کان وٺي خيرپور ۾ سچل ادبي ڪانفرنسن ۾ شريڪ ٿيندو رهيو ۽ اُتي پڙهيل مقالا سچل يادگار ڪميٽيءَ جي ’سرمست‘ ڪتابي سلسلي ۾ شايع ٿيندا رهيا هئا. اهي سمورا مقالا هن ڪتاب ۾ شامل آهن، جن جو تفصيل هن ريت آهي:
(1) سچل سرمست جو سرائيڪي شـاعـرن ۾ مقام، (2) سچل شاعر ۽ شخص، (3) تصوف ۽ رواداري، (4) سچل سرمست جي فارسيداني ۽ وصلت نامه، (5) سچل جي وسعت، (6) روجهن ساڻ رهاڻ، (7) سچل سرمست جو جهولڻو، (8) سچل جو مالڪونس، (9) سچل جي جماليات، (10) آيا مُک ويکڻ، (11) سچل جا گهاڙيٽا، (12) سچل جي نـظــر ۾ عـالمـي ڀائيـچـارو، (13) سک درس سچل، (14) ٽوڙ رواج ۽ رسمون ساريون، (15) سچل سرمست جي ڪلام ۾ مضمون، (16) مارئي، سچل سرمست جي ڪلام ۾، (17) اُتي پيو وڃي خيال منهنجو، (18) سوچ جو سرگم، (19) سچل سنگيت، (20) سچل سائين مجازي محبوب جي نظر ۾، (21) سچل سرمست- متفرقه ڪلام، هيئت ۽ معنيٰ.
ڊيمي سائيز جي 136 صفحن وارو هي ڪتاب، مهراڻ اڪيڊمي، شڪارپور، جون 2009ع ۾ شايع ڪيو آهي ۽ ان جي قيمت 140 روپيا آهي.


لفظ سچل سرمست هڪ مطالعوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو